سعودي پاران ڪيترن ئي ملڪن تي سفري پابنديون لاڳو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن تي سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.عالمي وبا ڪورونا جي مريضن ۾ واڌ سبب سعودي حڪومت پاڪستان، ڀارت، انڊونيشيا، سريلنڪا ۽ فلپائن جي لاءِ سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. عالمي وبا ڪورونا جي مريضن ۾ واڌ سبب سعودي حڪومت پاڪستان، ڀارت، انڊونيشيا، سريلنڪا ۽ فلپائن جي لاءِ سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.سعودي ايوي ايشن اٿارٽي موجب يورپي ملڪن کان به اڏامن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سعودي شهرين کي ملڪ  واپسي جي لاءِ 72 ڪلاڪن جي مهلت هوندي ۽ اقامه هولڊرز به 72 ڪلاڪن جي دوران واپس سعودي عرب وڃي سگهندا پر ڪارگو اڏامن ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو پابندي کان آجا هوندا.سعودي ايوي ايشن اٿارٽي موجب سفري پابندين جو فيصلو ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو