سعودي عرب: پارڪ ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ شخص گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي شهر تبوڪ جي پارڪ ۾ عورت تي تشدد ڪرڻ تي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ تبوڪ جي علائقي ۾ پارڪ ۾ عورت کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.رپورٽن مطابق وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ سعودي عرب جي شهرين ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي ۽ ماڻهن جي وڏي انگ انٽرنيٽ تي اچي وحشي شخص جي وحشياڻي رويي جي مذمت ڪندي سندس گرفتاري جو مطالبو ڪيو.عرب ميڊيا موجب واقعي کانپوءِ پوليس سرگرم ٿي وئي ۽ عورت تي تشدد ڪندڙ شهري کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو