سرگوڌا ۾ مسافر وين ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 7 ڄڻا فوت

ڀلوال (ويب ڊيسڪ)سرگوڌا جي علائقي ڀلوال ويجهو مسافر وين ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب حادثي ۾ 14 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.مسافر وين 21 مسافرن کي ڀلوال کان ڪوٽ مومن وٺي رهي هئي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي مسافر وين ۾ سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ۽ آر پي او سرگوڌا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. محسن نقوي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو