سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ سڀاڻي اڌ ڏينهن جي ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ سڀاڻي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن جي ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سمورن مڪاني ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀاڻي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن جي ڊيوٽي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي آهي ته سڀاڻي گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا، سڀاڻي منجهند 2 وڳي کان ڪراچي ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ 2 وڳي کانپوءِ مختلف وقتن تي 3 کان 4 گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڊائريڪٽر جنرل پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (ڊي جي پي ڊي ايم اي) سلمان شاهه بريفنگ ڏني.بريفنگ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته اڄ رات کان 2 مارچ تائين سنڌ جي اترين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پهرين مارچ تي صوبي جي مرڪزي علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.ڊي جي ڊي ايم اي سلمان شاهه چيو ته اڄ کان سڄي سنڌ ۾ برسات شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ سڀاڻي منجهند کان پوءِ برسات پوڻ جو امڪان آهي، شهر ۾ 12 ڪلاڪن ۾ 13 کان 16 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو