ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري اسپتال اندر ناري عصمت کاڻيجو جي لڄالٽ ۽ قتل واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪندي صحت کاتي جي صوبائي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي ايم پي اي راجا اظهر ساٿي ميمبرن جي صحيح سان سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته هي ايوان نوجوان ناري سان پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، جيڪا سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ پهتي پر کيس لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو. ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ ناري جيڪا بولڊ ۽ ڪميونٽي ليڊر طور سڃاڻپ رکندي هئي، اها هوڙ جي سور جي دوا لاءِ ڪورنگي نمبر 5 جي سرڪاري اسپتال ۾ 18 اپريل تي دوا وٺڻ وئي ته وحشي صفت ڊاڪٽرن، اياز، شڪيل ٽن عملي جي ساٿين جي مدد سان کيس بيهوش ڪرڻ جي دوا ڏني، جنهن بعد سندس لڄ لٽي. بعد ۾ ٿورو هوش اچڻ تي جڏهن ناري کين ڌمڪيون ڏنيون ته جانور صفت ڊاڪٽرن کيس ٻيهر بيهوش ڪري زهر ڏئي ڇڏي. هن ڪيس جو مک جوابدار ڊاڪٽر اياز ضمانت ڪرائي ورتي آهي ۽ سندس 3 ساٿي عامر، شاهزيب ۽ ولي محمد گرفتار آهن ۽ ڪراچي اوڀر جي جڊيشل مئجسٽريٽ کين جيل اماڻي ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس تي تنقيد ڪندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. اڄ سنڌ
اسمبلي ۾ پيش ٿيل ٺهراءُ توڙي سنڌ جي وڏي وزير پاران پوليس تي ڇوهه ڇنڊڻ مان بظاهر لڳي پيو ته حڪومت توڙي اپوزيشن هن حيواني ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي تي سياست پيا ڪن. پوليس هٿ سان رشوت وٺي ڪيس خراب ڪيو آهي.
سي ڊي اي جو مولانا کي نوٽيس، حددخليون هٽائڻ جو حڪم
ڪراچي سميت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري
لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جو فيصلو
بائنانس، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري، اتر ڪوريا تي شڪ
سنگاپور ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
آسيان ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت، سهڪار جي خاطري
ڪوٽڙي، ٻن برادرين جي جهيڙي ۾ نوجوان قتل، ماءُ صدمي ۾ فوت
ميرپورخاص ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ، ڀيڻ قتل
پاڪستان صحافت ۽ صحافين لاءِ انتهائي غير محفوظ ملڪ قرار
سکر ڊويزن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو
اسلام آباد پوليس جي 10 ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقي
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا
اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان
بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي
ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
جعلي پوليس مقابلو ثابت، اهلڪار کي موت جي سزا
سنڌيار ڪراچي 30 آڪٽوبر 2026ع










