ڪولمبو(م ڊ) سريلنڪا ۾ خوفناڪ بم ڌماڪن بعد صدر ملڪ ۾ سومر کان ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ايمرجنسي دوران پوليس ۽ فوج کي عدالتي اجازت کانسواءِ شڪ جي بنياد تي گرفتارين جي اجازت هوندي. صدر سومر کان رات 8 وڳي مقامي وقت مطابق ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. سريلنڪا حڪومت جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۾ عالمي نيٽ ورڪ ملوث آهن جن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. سريلنڪا جي ٽن چرچز ۽ 4 انٽرنيشنل هوٽلز ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٿيل 8 بم ڌماڪن ۾ 310 ماڻهون مارجي ويا ۽ 500 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا. پوليس جو چوڻ آهي ته آچر تي جڏهن عيسائي برادري ايسٽر جون خوشيون ملهائي رهي هئي ته ڌماڪا ٿيا هئا. هوٽلن ۾ ڌماڪن سبب امريڪا، برطانيا، هالينڊ ۽ ٻين ملڪن جا 35 غير ملڪي به مارجي ويا هئا. سڄي دنيا جي عالمي ليڊرن ۽ مذهبي اڳواڻن پاران مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو هو. پوليس ترجمان موجب ڇاپن ۾ 24 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا جيڪي مقامي آهن. پوليس گرفتار ٿيلن جي شناخت بابت ڪجهه نه پئي ٻڌائي پر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن مان بظاهرمسلمان ٿا لڳن. هڪ اکين ڏٺي شاهد ايليڪ ايجليسن خابرو اداري اي ايف پي کي ٻڌايو هو ته ڌماڪو زوردار هو ۽ ائين لڳو ڄڻ زلزلو آيوهجي، زمين ڌڏي وئي ۽ آس پاس جو عمارتون لڏي ويون. سريلنڪا جي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته 7 ڌماڪا خودڪش هئا. ٻڌ مت جي پيروڪارن جي اڪثريت واري ملڪ سريلنڪا ۾ عيسائي رڳو7 سيڪڙو آهن. انتها پسند سوچ رکندڙ ٻڌ مت وارن جا اڪثريتي آبادي سنهالين، مسلمان ۽ عيسائي اقليتن سان ڪجهه عرصي کان ڇڪتاڻ رهي آهي. پوليس چيف جو چوڻ آهي ته 10 ڏينهن اڳ حملن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ۽ انٽيلي جنس الرٽ ۾ چيو ويو هو ته چرچز، هوٽلز ۽ ڪولمبو ۾ واقع ڀارتي هاءِ ڪميشن تي حملا ٿي سگهن ٿا. الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته “نيشنل توحيد جماعت” حملن جي منصوبه بندي ڪئي هئي.
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان
پرڏيهه ۾رهندڙ پاڪستاني سمورا ٽيڪس ادا ڪندا آهن
سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪندي
گوگل چيٽ ۾ وائس ميسيج متعارف
صدر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ٻه طرفن معاملن بابت ملاقات
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ايمل ولي بلوچستان مان سينيٽر منتخب
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پيٽروليم شين تي وڌيڪ ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز
سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل