سردار شاهه چيف انجنيئر اِي اينڊ ايم سيوريج مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي سينيئر آفيسر سردار شاھ بخاري کي چيف انجنيئر اليڪٽريڪل اينڊ مڪينيڪل سيوريج جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو آهي، سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي منظوري سان ڊائريڪٽر پرسنل سردار شاھ جي مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سردار شاھ پنهنجي موجوده ذميوارين کان علاوه پي ايس او ٽو سي اي او واٽر ڪارپوريشن جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو رهندو، ان کان اڳ سردار شاھ واٽر ڪارپوريشن جي مختلف اهم عهدن تي ذميواريون نڀائي چڪو آهي. واضح رهي ته چيف انجنيئر اي اينڊ ايم سيوريج غلام صديق مگسي پنهنجي عهدي تان ريٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ اها چارج مسٽر بخاري کي ڏني وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو