ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق سنڌ جي هڪ ڏينهن واري دوري تي سومر تي (اڄ) ڪراچي پهچندو، صوبائي ترجمان مجاهد چنا جي جاري ڪيل پڌرائي موجب هوءَ دعوتي ۽ تنظيمي مصروفيتن کان علاوه شام جو 05 وڳي جامعة الحرمين سعيد آباد جو دورو نعمت الله خان تعليمي بلاڪ جو افتتاح ۽ مغرب جي نماز کان بعد اسٽيشن روڊ حيدرآباد ۾ جي آءِ يوٿ پاران رٿيل “ يوٿ ڪنونشن” کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي ۽ ٻيا صوبائي توڙي مرڪزي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ موجود هوندا. هن کان اڳ ۾ سراج الحق جو حيدرآباد ٽول پلازا ڪراچي موري وٽ پڻ ڀرپور استقبال ڪيو ويندو.
