سانگهڙ مقابلو، هڪ ڦورو گرفتار، 2 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

سانگهڙ مقابلو، هڪ ڦورو گرفتار، 2 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

سانگهڙ: (ن س) سانگهڙ جي علائقي جھول پوليس جو چانڊيا موري ويجهو ڪامياب پوليس مقابلو ٿيو آهي. پوليس عملدارن ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڊاڪو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪئي وئي آهي.پوليس حڪام جو چوڻ آهي ته برآمد ٿيل موٽرسائيڪل ڏوهن جي هڪ ڪيس ۾ گهربل هئي، جيڪا فريادي اياز علي ملوکاڻي کان ڦري وئي هئي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڊاڪو جي سڃاڻپ زبير عباس ولد نور محمد مري جي نالي سان ٿي آهي. پوليس عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جا ٻه هٿياربند ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽيمون مختلف علائقن ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه گرفتار جوابدار جو ٻين ٿاڻن تان به ڏوهاري رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو