زوب گيريزن تي حملو 4 جوان شهيد 5 زخمي، 5 دهشتگرد قتل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اتر بلوچستان ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ زوب گيريزن تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جتي ڊيوٽي تي موجود فوجين دهشتگردن جي اهڙي ڪوشش کي روڪيو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 فوجي جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 3 دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي فائرنگ دوران 5 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿيا آهن جڏهن ته 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. ميهڙ مان سنڌيار جي نمائندي موجب شهيد ٿيندڙن ۾ ميهڙ واسي نائب صوبيدار غلام مصطفيٰ سولنگي به شامل آهي. جنهن جي ڳوٺ اسحاق ماڇي ۾ گهر وارن کي اطلاع ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو