زمين تي قبضي لاءِ گهرن کي باهه ڏني وئي؛ ڳوٺاڻا

ڪوٽ لالو(باغ علي) ڳوٺ ٻڍو ملو واسي محمد سالار راڄپر، عبدالرزاق راڄپر، باغ   ۽ ٻين چيو ته اسان جي گهر کي رات  هٿ سان باھ لڳائي  وئي جنهن جي نتيجي اسان جي گهر ۾ پيل قيمتي سامان اناج، روڪ رقم ۽ مال سڙي ويو آهي. هنن الزام ھڻندي چيو ته مگسي برادري  جا بااثر نظرمگسي، اظهر مگسي، قاسم، اعظم ۽ ٻيا اسان جي 76 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا  ڪالھ به اسان جي گهرتي هٿيارن جي زور تي حملو ڪيو ۽ اسان کي يرغمال بڻائي اسان جي زمين ۾ ٽريڪٽر ڪاھڻ لڳا ۽ اڄ رات  اسان جي گهر کي باھ  ڏئي نقصان ڪيو آهي. ٻئي ڌر محمد اعظم مگسي، هدايت علي مري موقف ڏيندي چيو ته زمين اسان جي آهي ۽ سول ڪورٽ ٺري ميراھ ۾ ڪيس هلندڙ آهي عبدالرزاق راڄپر ڀاڳيو راڄپر ۽ ٻيا ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي گهرکي پاڻ باھ ڏئي اسان تي الزام هنيا آهن. رابطو ڪرڻ تي  ايس ايڇ او ڪوٽ لالو غلام  مصطفيٰ ٻڌايو ته راڄپر ۽ مگسي برادري جو زميني تڪرار هلندڙ آهي اسان  مامعلي جي جانچ ڪيون پيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو