زمين تان گڏاڻين جي ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

خانپورمھر(رپورٽ حميد سيال) ڳوٺ ڪمون گڏاڻي ۾ زمين جي معاملي تان گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو ٿيو، جھيڙي دوران لٺين ۽ ڪھاڙين جي استعمال سبب ٻنھي ڌرين جا 10 ماڻھو زخمي ٿي پيا، جن مان ھڪ ڌر جا 2، جڏھن ته ٻي ڌر جا 8 ماڻھو رتورت ٿي پيا. زخمين کي سندن وارث خانپورمھر ٿاڻي تي کڻائي آيا، جتان ليٽر ملڻ بعد کين خانپورمھر جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. جڏھن تہ زخمين ۾ سرور گڏاڻي، صحبت گڏاڻي، ابوبڪر، يونس، خليل، اعجاز، غلام نبي، سيف اللہ گڏاڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھوڏانھن خانپور مھر ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ھڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تہ ميڊيڪل رپورٽن بعد ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف ھڪ ڌر جي صحبت گڏاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ جوابدارن بنا جواز اسان مٿان حملو ڪري ناجائزي ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو