زلزلي تي تبصرو فردوس عاشق کي ڳچيءَ پئجي ويو

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کي زلزلي بابت تبصرو ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. اڱاري ڏهاڙي سوشل ميڊيا متعلق اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ”نشاني آهي جڏهن ڪوئي تبديلي ايندي آهي ته هيٺ به بيتابي ٿيندي آهي ته اها تبديلي جي نشاني آهي ته زمين به پاسو پلٽيو آهي، ان کي به ايترو جلدي تبديلي قبول ناهي“.  سندس تقرير جو اهو آخري حصو وڊيو جي صورت ۾ ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي. انهن صحافين جي کي تحريڪ انصاف مٿان ڇِتي تنقيد ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي، انهن پڻ اها وڊيو شيئر ڪئي آهي. وڊيو جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ کانپوءِ ڊاڪٽر فردوس هڪ وضاحتي وڊيو خاص طور تي رڪارڊ ڪرائڻي پئي جنهن ۾ هن چيو ته سندس ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي مرضيءَ جو مطلب ڪڍيو پيو وڃي جيڪا غلط ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو