زرداري جي هدايت،لاڙڪاڻو،دادو،قمبر ءٍ ٻين علائقن جي بجلي بحال

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)لاڙڪاڻو، دادو قمبر، شهداد ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي، امتياز شيخ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي متاثر ضلعن جي بجلي بحال ڪرڻ واري ڪم جي خود نگراني ڪئي. امتياز شيخ چيو ته عيد جي ڏينهن ۾ تيز طوفان سبب هاءِ ٽرانسميشن لائين جا 9 پول ڪري پيا. جنهن سبب انهن علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، سيپڪو ملازم عيد جي موڪلن تي هئا جنهن سبب ٽرانسميشن لائين جي مرمت جو ڪم امتياز شيخ ۾ دير ٿي ويو حيسڪو ۽ سيپڪو وفاقي ادارا آهن ۽ صوبي جي دائري ۾ نه ٿا اچن سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام کي پيش آيل تڪليف تي معذرت ڪئي آهي. امتياز شيخ مطالبو ڪيو ته سيپڪو انهن سمورن ضلعن کي ايندڙ ٽن ڏينهن تائين لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو