اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ريڪوڊڪ سان لاڳاپيل 2 منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي.ناڻي واري وزارت موجب ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ريڪوڊڪ بابت 2 منصوبن جي منظوري ڏني وئي.ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته منصوبا وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت جي پرڏيهي ڪمپنين جي ڪنسورشيم سان عدالت کان ٻاهر سيٽلمينٽ سان لاڳاپيل آهن، هڪ ريڪوڊڪ منصوبي جي ثالثي سان لاڳاپيل آهي.اي سي سي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته منصوبي تحت اينٽوفاگاسٽا ڪمپني جا بقايا ادا ڪرڻا آهن.










