ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ايندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ڌرين کي سڀاڻي لاءِ اليڪٽرانڪ نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ 19 جون تي ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.سپريم ڪورٽ ۾ ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذارن ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ شامل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو