روينيو ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، مظاهرا ۽ جلوس

ڪراچي(نمائندن وٽان) آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي ھڙتال جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عملي جزوي هڙتال ڪئي، ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون جلوس ڪڍيا. هنن جو مطالبو آهي ته فوتي ڪوٽا مقرر ڪريو، پروموشن آرڊرڏيو، روينيو الائونس وڌايو۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي منسٽريل اسٽاف کي پڪو ڪيو وڃي. مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر ۾ ملازمن جلوس ڪڍيو ۽ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو مڪمل ڪم بند ڪندا ۽ آفيسن کي تالا هڻندا.

ڪنڌ ڪوٽ، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، بينظير آبد، ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ملازمن جلوس ڪڍيا. ملير مان دريا خان شر موجب ھڙتال جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ ملير ۾ روينيو عملي مطالبن جي مڃتا لاء شبير احمد کٽي ممتاز سيال جي اڳواڻي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪرايو، شبير احمد کٽي ممتاز سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته روينيو الائونس، فوتي ڪوٽا، پروموشن، اينٽي انڪروچمينٽ جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ سندن ٻيا مطالبا تسليم ڪيا وڃن. هنن چيو ته فوتي ملازمن جون بيواهون در در ٺوڪرون کائي رهيون آهن، روينيو کاتي ۾ رشوت کان ڪم ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان پوءِ به قانوني طور احتجاج ڪري رهيا آهيون پر انتظاميا اسان جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ  ملازمن جون بدليون ڪيون آهن. جنهن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته ملازمن جون بدليون بند ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو