روايتي تعليمي نظام کي ماڊل اسڪولن ۾ بدلائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم ۽ معدني ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ماڊل اسڪول سپورٽ يونٽ جي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. ملاقات ۾ سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ ماڊل اسڪولن جي چونڊ، سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي قدم کڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي، اسٽيڊا چيئرمين سيد رسول بخش شاهه، چيف پروگرام مئنيجر آر ايس يو ڊاڪٽر جنيد سمون، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فوزيه خان، سماجي شخصيت شهزاد راءِ، نظير احمد تنيو ۽ ٻين ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ روايتي تعليمي نظام کي جديد ضرورتن مطابق تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جديد مئنيجمينٽ سسٽم تحت ماڊل ايجوڪيشن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي جيڪو هڪ بهترين مثال طور ڏٺو ويندو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ تعلقي سطح تي سنڌ جي 300 اسڪولن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ اتي ماڊل اسڪول قائم ڪيا ويندا. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اسڪول جي چونڊ جو عمل هر صورت ۾ 25 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن چونڊيل اسڪول ۾ جديد سهولتون فراهم ڪري ايندڙ تعليمي سال ۾ ماڊل اسڪول پروگرام شروع ڪري سگهجي. سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ هر تعلقي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٻه اسڪول قائم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ماڊل اسڪول جي چونڊ لاءِ اسڪول ۾ شاگردن جي آسان پھچ، اسپورٽس گرائونڊ، لائبريري، سائنس ۽ آئي ٽي ليب ايريا جو هجڻ ضروري آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته ماڊل اسڪول پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ ڪميونٽي جي مدد سان هلايا ويندا. هن چيو ته ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو مقصد مثال قائم ڪرڻ آهي ته جيئن اسان ٻين کي ٻڌائي سگهون ته معياري تعليمي اسڪول ڪيئن هئڻ گهرجي. جنهن مان اسان ۾ اها اميد پيدا ٿي سگهي ٿي ته اسان روايتي تعليمي نظام کي تبديل ڪرڻ جو سفر شروع ڪري چڪا آھيون ۽ اهو سلسلو ٻين اسڪولن تائين به جاري رکيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ مهيني 20 جولاءِ تائين چونڊيل ماڊل اسڪولن جي پرنسپال جي مقرري لاءِ انٽرويو جو مرحلو پڻ پورو ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو