رعنا انصار کي مخالف ڌر اڳواڻ بڻجڻ لاءِ وڌيڪ حمايت گهربل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ رعنا انصار کي مخالف ڌر اڳواڻ بڻجڻ لاءِ وڌيڪ ميمبرن جي حمايت گهربل آهي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي تبديلي جي ڪوششون جاري آهن ايم ڪيوا يم پاڪستان کي وڌيڪ 12 اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل ٿيڻ تائين رعنا انصار مخالف ڌر اڳواڻ نٿي بڻجي سگهي سنڌ اسيمبلي جي عملدارن متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي اسپيڪر جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي حمايت ڪرڻ بدران ان کان پنهنجي اميدوار لاءِ تعاون گهريو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو