اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ننڍي عمر جي نوڪرياڻي رضوانه تشدد ڪيس ۾ جج جي گهر واري سوميا عاصم جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ جوابدار عورت سوميا عاصم جي عبوري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڊاڪٽر عابده ساجد هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض 7 آگسٽ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ جوابدار عورت کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊيشنل سيشن جج فرخ فريد جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ جوابدار عورت جو بيان سامهون اچي ويو آهي. سوميا عاصم ڪهاڻي هث ٺوڪي قرار ڏيندي چيو ته رضوانه پنهنجي والدين جي مرضي سان منهنجي گهر ۾ نوڪرياڻي هئي، ايف آءِ آر ۾ بيان ڪيل ڪهاڻي صحيح نه آهي. سوميا عاصم عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته رضوانه تي ڪڏهن به تشدد نه ڪيو آهي. جاچ ۾ پنهنجي موقف کي صحيح ثابت ڪندس، رضوانه جي عمر 17 سالن کان وڌيڪ آهي.سوميا عاصم چيو ته رضوانه سان پنهنجي 9 کان 12 سالن جي ٽن ٻارن جيان هميشه نرمي سان پيش ايندي رهي آهيان، واقعي کان اڳ جڏهن کان رضوانه مون وٽ ڪم ڪري رهي هئي ڪڏهن به ڪا شڪايت نه هئي. حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي منهنجي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.سوميا عاصم درخواست ۾ چيو ته مان به منفي مهم جي متاثر آهيان جيڪا سٺي شهرت رکندڙ منهنجي سول جج مڙس خلاف هلائي پئي وڃي. اهڙي هٿ ٺوڪي ڪهاڻي سبب مان ذهني طور تي تمام گهڻي ڊسٽرب ٿي آهيان. پڙهيل لکيل عورت آهيان. بدنيتي جي آڌار تي ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي. پوليس جي سامهون جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان منهنجي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.
