رشوت وٺندڙ ايس بي سي اي آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران رشوت وٺندڙ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي جي ايس بي سي اي ياسين شر کي هدايت ڪئي آهي ته پنجن ئي ڀتاخور آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪيو وڃي. مڪاني ادارن واري وزير جي هدايت تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سمورن پنجن آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ گريڊ 20 جي ڊائريڪٽر بنيش شبير ڪميٽي جي سربراهه هوندي جڏھن تھ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ گريڊ 19 جو علي مهدي ۽ گريڊ 18 جو جليس صديقي شامل آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پريڊي ٿاڻي ۾ ايس بي سي اي جي 5 آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڀتاخوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد اويس حسين کي ڪرپشن جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو