سنڌ مان ايڊز جا 70 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ايڊز ۽ ايڇ آءِ وي پازيٽو مريضن جي چڪاس جو سلسلو جاري آهي ۽ اڃا تائين ايڊز متاثره مريضن جي تعداد جي لحاظ کا لاڙڪاڻو ضلعو ٽاپ تي آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ وري رتوديرو تعلقو ٽاپ تي آهي. شڪارپور ۾ 11 ڪيس ۽ مٺي ۾ 2 ڪيس سامهون آيا آهن. شڪارپور ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ جعلي دواخانن خلاف آپريشن جاري 100 داوخانا ۽ ليبارٽريز بند ڪيا ويا آهن. رتوديرو مان نمائندي موجب جمع ڏينهن ڪيل ٽيسٽ نتيجن موجب 56 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽ گذريل 13 ڏينهن ۾ متاثره مريضن جو تعداد 331 ٿي ويو آهي. جمع ڏينهن رتوديرو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪيمپون هڻي ٽيسٽ ڪيا ويا. طيب ڳوٺ ۾ 198 ماڻهن (63 مرد، 47 عورتن ۽ 88 ٻارن) جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان صرف هڪ 6 سالن جي ٻار ۾ وائرس هجڻ جي تصديق ٿي. جڇهن ته سبحاني شر ڳوٺ ۾ 250 ماڻهن جا ٽيسٽ ٿيا جن مان 6 ڪيس سامهون آيا. صوبائي سيڪريٽري صحت سعيد احمد اعواڻ ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه ڏينهن کان هلندڙ چڪاس جي سلسلي ۾ 3000 ماڻهن جي ٽيسٽ بعد 226 ڪيس سامهون آيا پر جڏهن انهن جي ٻيهر ٽيسٽ ٿي ته 113 متاثره ماڻهن جي نشاندهي ٿي. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي عطائي ڊاڪٽرن پر ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جي لاپرواهي به شامل آهي جنهن سبب وائرس ڦهلجي ٿي. هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ 88 متاثره ٻارن جو علاج هلندڙ آهي. شڪارپور مان نمائندي موجب ضلعي جي عطائي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ليبارٽريز ۽ ڪلنڪس خلاف ڇاپا جاري آهن ۽ ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو موجب 100 کان وڌيڪ غير قانوني دوا خانا، ليبارٽريز ۽ ميٽرنٽي هوم بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته شڪارپور ۾ 11 ڪيس ايڊز ۽ ايڇ آءِ وي پازيٽو جا سامهون آيا آهن جن مان 10 ٻار آهن. مٺي مان نمائندي موجب سرڪاري اسپتال جي ڊپٽي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما ٻڌايو آهي ته ڏيپلو مان 2 ڪيس سامهون آيا آهن. هوڏانهن ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسزحيدرآباد 8 مئي واري رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 25 اپريل کان 8 مئي تائين رتوديرو ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام هيٺ 5224 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 221 ڪيس سامهون آيا.  ياد رهي سنڌ ۾ ايڊز ۽ ايڇ آءِ وي پازيٽو ڪيسن بابت مختلف ادارن وٽ مختلف انگ اکر آهن. مرڪزي ايڊز ڪنٽرول ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول، صحت کاتو سنڌ ۽ پي پي ايڇ آءِ سميت انهن جا انگ اکر هڪٻئي کان مختلف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو