رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ مک ملزم رحيم شاهه جي ضمانت رد

ڪراچي (درياخان شر) دھشتگردي ٽوڙ عدالت  ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جي  مک جوابدار  رحيم شاھ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 13 ۾ ٻڌڻي ٿي. جوابدار پاران داخل ڪيل ضمانت واري درخواست  تي دليل ٻڌڻ بعد عدالت  اها د ڪرن جو حڪم ٻڌايو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.. ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي ڀاءٌ منور رانجھاڻي  ۽ وڪيل محمد خان شيخ چيو ته اسان کي عدالت تي اعتماد آهي اميد آهي ته انصاف ٿيندو.  هنن چيو ته انصاف ملڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به ان کان اڳ ضمانت رد ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو