رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت ۽ آزادي جون درخواستون رد

ملير(دريا خان شر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي مُک جوابدار رحيم شاهه جي ضمانت جي درخواست رد ڪندي ٽن پوليس اهلڪارن کي بيگناهه قرار ڏئي کين آزاد ڪرڻ واري پوليس جي جاچ رپورٽ خارج ڪري ڇڏي ۽ مٿن ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  اڱاري تي ٻڌڻي شروع ٿي ته رانجهاڻي قتل ڪيس جي جوابدار رحيم شاهه جي وڪيل ضمانت جي درخواست تي دليل چنا جيڪي ٻڌڻ بعد عدالت سندس ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. ٻڌڻي دوران سب انسپيڪٽرعامر رياض، ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي ۽ حسن علي کي بيگناهه قرار ڏيڻ بابت پوليس جي جاچ رپورٽ پيس ڪئي وئي، عدالت سرڪاري وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد رپورٽ رد ڪئي ۽ ٽنهي جوابدارن مٿان ڪيس هلائڻ جو حڪم ٻڌايو. واضح رهي ته ڪراچي جي ڀينس ڪالوني ۾ قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو. جوابدار رحيم شاهه سرِعام کيس گوليون هنيون ۽ پوليس اهلڪار وري زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ بدران ارشاد رانجهاڻي تي چٿرون ڪري رهيا هئا، کيس جڏهن زخمي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ايمبولينس روڪي پوليس عملدار جي موجودگي ۾ رحيم شاهه کيس ٻيهر گوليو هڻي قتل ڪيو هو. پوليس معاملي کي لڪايو هو ۽ ايمبولينس ڊرائيور بعد ۾ ڦاٽ ڦاڙيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو