رابي پيرزاده شوبز جي دنيا ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نامور گلوڪارا رابي پيرزاده ويڊيو اسڪينڊل کان دلبرداشته ٿي شوبز جي دنيا کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ بعد ماڊلنگ ۽ اداڪاري جي شعبن ۾ به ٿوري عرصي ۾ پاڻ مڃرائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي هئي. تازو سندس نازيبا تصويرون ۽ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون

اسڪرين شاٽ هي ٽوئيٽ هاڻي موجود ناهي

هيون جنهن خلاف هن سائبر ڪرائيم ۾ جاچ لاءِ درخواست ڏني هئي. سندس مداحن چيو  هو ته پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي جي تعاون سان ٺهيل فلم ڪاف ڪنگنا تي هن تنقيد ڪئي تڏهن سندس ويڊيو وائرل ٿي. جڏهن ته ان الزام کي رد به ڪيو ويو. رابي پيرزاده چيو هو ته وائرل ٿيل تصويرون سندس فون ۾ هيون جيڪو هن وڪرو ڪيو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هن کان ڊاهڻ وسري ويو هو. ويڊيو ۾ هوءَ پنهنجي بيڊ روم ۾ سيڪسي حرڪتون ڪندي نظر اچي ٿي. سوشل ميڊيا تي مورل برگيڊ هن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو هن جي حق ۾ به هئا ته اها هن جي ذاتي زندگي آهي جنهن بابت ڪنهن کي تنقيد جو حق نه هجڻ گهرجي. هن اهو به چيو هو ته هي معاسرو کيس ماري ڇڏيندو ۽ هوءَ ايترو پريشان آهي جو مرڻ چاهي ٿي. سندس اهڙي بيان بعد ڪيترن مداحن سندس حق ۾ ٽوئيٽ ڪندي سندس ڀرپور ساٿ ڏنو هو. شوبز کي الوداع ڪرن بابت ٽوئيٽ رابي پيرزاده بعد ۾ ڊاهي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو