دڪان مان لکين روپين جي چوري، چوڪيدار گرفتار

شهدادڪوٽ(ن س) اڻڄاتل چور تالا ڀڃي لکين روپين جي ماليت جو سامان، 50هزار روڪ ۽ ٻه هزار سعودي ريال چوري ڪري فرار ٿي ويا. شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بگودڙو روڊ تان ايگريڪلچر آفيس ويجهو اڻڃاتل چور گل حسن کهاوڙ جي دڪان ۾ پيل لکين روپين جي ماليت جو سامان ، 50هزار روڪ ۽ 2 هزار سعودي جا ريال چوري ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن دڪان مالڪ تالا ڀڳل ڏسي شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي  تي اطلاع ڏنو پوليس علائقي جي چوڪيدار کي پنهنجي حراست ۾ وٺي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو