حجامڪو ڪم ڪندڙ پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي

ماتلي ( عبدالرزاق پنهور ) ٽنڊوغلام علي روڊ تي حجامڪو ڪم ڪندڙ شڪيل عمراڻي پنھنجي ئي دڪان ۾ گارڊر ۾ بجلي جي تار سان ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي. صبح وقت جڏهن ٻيو مزدور دڪان جو شٽر مٿي ڪيو ته شڪيل جو لاش گارڊر ۾ ٽنگيل ڏسي رڙيون ڪيون جنھن تي آس پاس جا دڪاندار گڏ ٿي ويا ۽ اھڙو اطلاع ماتلي پوليس کي ڏنو پوليس لاش تعلقا اسپتال ماتلي کڻائي پھتي جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته واقعو خودڪشي آھي سندس جسم تي تشدد وغيره نه ٿيل آھي ٻئي طرف خودڪشي ڪندڙ شڪيل عمراڻي جي وارثن سليمان عمراڻي ۽ محمد حسن ٻڌايو ته شڪيل تي بينڪ جو قرض ھو گذريل ڏينھن ڪجھ ماڻھو آيا ھئا قرض وٺڻ جنھن جي ڪري ھو پريشان ھو ۽ صبح ڇھ بجي گھران اھو چئي نڪتو ته دڪان تي ٿو وڃان جنھن کان پوءِ ھي واقعو پيش آيو. واضح رهي ته شڪيل عمراڻي ھالا جا رھواسي هيو شادي کانپوءِ ماتلي ۾ مھراڻ ڪالوني ۾ رهندو هو کين ٻه پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو