دڙو، ڳاڙهو ۽ ٽنڊو باگو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي مختلف واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن دڙو، ٽنڊو باگو ۽ ڳاڙهو ۾ احتجاج ڪري جلوس ڪڍيا ۽ ڌرڻا هنيا. هنن مطالبو ڪيو ته کين پاڻي ڏنووڃي جيئن هو وقت سر فصلن جي پوکي ڪري سگهن. دڙو مان امداد ميمڻ موجب سجاول ضلعي جي ٻيو نمبر وڏي تعلقي ميرپوربٺورو ۾ مين دڙو پنڃاري ڪئينال مان نڪرندڙ 50 کان وڌيڪ ننڍن وڏن واھن ۽ شاخن ۾ ٻن مھينن کان وٺي پاڻي جي شديد اڻاٺ سبب ھزارين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمينون پاڻي نه ملڻ ۽ سوڪھڙي سبب تباھ ٿي ويون آھن.

بااثر آبادگارن رشوت ۽ اقرباپرورين تحت آبپاشي کاتي جي راشي عملي جي مدد سان مختلف واھن ۽ شاخن کي مختلف ھنڌن تان سڌا ڪٽ ھڻي لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ڪري رھيا آھن. ٻنون مانينر, ڪريم پور, 12 گزا شاخ, گنج بحر, دڙو برانچ, پي ايف ايل, راڄ واھ, شاھ واھ, شيخا واھ ۽ ٻين ڪيترن ئي واھن ۽ شاخن تي باثر ماڻھن سڌا ڪٽ ھنيا آھن. جڏھن ته ساريون, ڪيلو, ڦٽيون, ميٿي, موري, داڻا, ڦودنو, ڀينڊي, ڪدو, ڪريلا, ميا, ٽمٽا, مرچ, گجر, بصر, مٽر, دالين سميت ٻين فصلن جي پوکائي نه ٿي سگھي آھي. آڳاٽي پوکائي ٿيل آباديون سڪي سڙي تباھ ٿي رھيون آھن. ڳوٺن ۾ جر ھيٺ وڃڻ سبب ھينڊ پمپن پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏنو آھي. دڙو, ٻنون, لائقپور, حسين پور, بچل گگو يونين ڪائونسلن ۾ رھندڙ ھزارين ماڻھو واٽرسپلائي تلائن ۾ پاڻي نه ھئڻ سسب سخت پريشان آھن. ھوانھن دڙو, ٻنون ۽ آسپاس جي شھرين, ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن سيد اڪبر شاھ ڄاموٽ, حاجي انور زنئور, ماما اعجاز سومرو, وفا چندن لاشاري, صديق زنئور, اڪبر ڀنڀرو, گل محمد, قادر بخش زنور, حاجي خان عباسي ۽ ٻين پاڻي جي شديد اڻاٺ تي سخت تشويش جو اظھار ڪندي چيو ته دڙو پنڃاري ڪئينال ۾ ٻن مھينن کان پاڻي نه ھئڻ سبب تعلقي ميرپوربٺورو ۾ وڏي معاشي تباھي اچي ويئي آھي. ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون ٺوٺ ٿي ويون آھن.*** ٽنڊو باگو مان فرحت خواجا موجب آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته نصير واھ جو پاڻي 75 آر ڊي کان سلطاني کي ڏيڻ بند ڪريو,نصير واھ کي پورو ساڍا اٺ فوٽ گيج ڏيو ۽ ڊائريڪٽر سيڊا کي ھٽايو وڃي ضلعي بدين مان وارا بندي ختم ڪئي وڃي، دڪا ختم ڪري فلڊ ڪئنال بند ڪيا وڃن. تلهار,قاضيه,بدين,ڪڍڻ ,شادي سب ڊويزن  سميت سڄي ضلعي مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪري وارا بند ختم ڪريو. *** ڳاڙهو مان علي رضا ڪاپڙي مطابق ڪيٽي بندر ۽ ڳاڙھو جي سماجي ڪارڪن ايڊوڪيٽ امت وڻجاري جو ڳاڙھوشھر ۾ سوين آبادگارن سان گڏ واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج ڪيو.

ان دوران ايڊوڪيٽ امت وڻجاري پنهنجي تقرير۾ چيو تہ ستن مهينن کان ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو ماڻهو چوپايو مال پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپي رهيا آھن سنڌجي سوکڙي پلو مڇيء جو نسل ختم ٿي رهيو آھي ٻنين تي بٺيل فصل سڪي سڙي رهيا آھن کاروڇاڻ ڪيٽي بندرمان ماڻھو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آھن انساني آباديء وارا علائقا ويران ٿي رهيا آھن هن سرڪار کان مطالبو ڪيو تہ فوري طوري کاروڇاڻ ڪيٽي بندر جي واهن ۽ شاخن کي پاڻي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو