ديرالبلاح ۾ اسرائيلي گولا باري،غزه جي آخري فعال اسپتال به بند

غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج صبح کان ديرالبلاح تي گولا باري ڪري رهي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج پنهنجي جارحيت جاري رکندي ناصر اسپتال تي شيلنگ ڪئي، جڏهن ته اتر غزا جي آخري فعال اسپتال کي به تيل ۽ طبي سامان جي کوٽ سبب بند ڪيو ويو.ان کان علاوه اسرائيل بمباري کانپوءِ قحط سالي ذريعي فلسطينين جي نسل ڪشي جي سازش جاري رکي آهي.ٻئي طرف گڏيل قومن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته 6 لک فلسطيني قحط جي ڪناري تي آهن، 30 هزار فلسطينين جي مارجڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه جي عوام سان نه پر حماس سان وڙهي رهيو آهي.ٻئي طرف حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جو چوڻ آهي ته هو ڳالهين ۾ نرمي اختيار ڪندي اسرائيل سان جنگ لاءِ تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو