گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ گنڊلو کان تتا پني تائين قراقرم هاءِ وي لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿي وئي آهي.ان حوالي سان مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته قراقرم هاءِ وي بند ٿيڻ سبب سياح ۽ مسافر ڦاٿل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته لينڊ سلائيڊنگ سبب امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ڦاٿل سياحن ۽ ٻين کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
