دوائن جي قيمت ۾ واڌ خلاف ميڊيڪل اسٽور بند

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي)وفاقي سرڪار پاران دوائن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ خلاف گھوٽڪي جي ميڊيڪل اسٽور يونين ڪيميسٽ پاران شھر جا سمورا  ميڊيڪل اسٽور بند رکي شٽر بند ھڙتال ڪئي، يونين اڳواڻ وجي ڪمار موٽواڻي ۽ سنتوش ڪمار سنديپ ڪمار قدير احمد ڪلوڙ مرالي رام جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاقي سرڪار دوائن جا اگھ وڌائڻ سان گڏو گڏ ون پرسن ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آھي جنھن سبب دوائون وڌيڪ مھانگيون ٿي وينديون جنھن سان غريب طبقو سخت متاثر ٿيندو,اڳواڻن وس وارين اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته  سرڪار کي گھرجي ته ٽيڪس وڌائڻ وارو فيصلو  واپس وٺي ٻي صورت  ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو, ميڊيڪل اسٽور يونين جي ھڙتال سبب شھر جا سمور ميڊيڪل اسٽور بند ھجڻ ڪري مريض سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا ,مريض ۽ مريضن جا وارث  مختلف ميڊيڪل سينٽرن ۽ اسٽورن جا چڪر ڪاٽيندا رھيا.

پهنجو تبصرو موڪليو