اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريز افغان پناه گيرن بابت عالمي ڪانفرنس ۾شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي. “40 سالن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني” جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ هو خطاب ڪندو. نور خان ايئر بيس تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، پرڏيهي کاتي ۽ گڏيل قومن جي اعليٰ آفيسرن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. 4 ڏينهن جي قيام دوران هو صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪندو، پاڪستاني قيادت کيس والاريل ڪشمير بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي، هو ميڊيا جي نمائندن، نوجوانن ۽ پارليامينٽرينز سان ملاقتون به ڪندو. هو پائيدار ترقي، ماحولياتي تبديلين ۽ امن جي قيام بابت ليڪچر به ڏيندو. هو لاهور ويندو ۽ ڪرتار پور راهداري جو دورو به ڪندو. پاڪستان پهچڻ کان اڳ هن هڪ ٽوئٽ ۾ چيو هو ته پاڪستان دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ ڀروسي جوڳو پارٽنر آهي ۽ سندن ڪردار اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو دنيا م امن قائم ڪرائڻ م اهم ڪردار آهي ۽ سندس دوري جو مقصد پاڪستاني قوم جوشڪريو ادا ڪرڻ به آهي.
