دنيا جي 400 بهترين تعليمي ادارن ۾ پاڪستان جو صرف هڪ شامل

سلام آباد (رپورٽ اياز مهر) دنيا ۾ تعليمي ادارن جي درجه بندي ڪندڙ اداري 2019 جي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته دنيا جي ٽاپ چار يونيورسٽيز ۾ امريڪا جي پوزيشن برقرار آهي. جڏهن ته پنجين نمبر تي بهترين يونيورسٽي برطانيا جي آهي پر فرق اهو آهي ته گذريل سال پنجين نمبر تي بهترين يونيورسٽي ڪيمبرج هئي ۽ هاڻي اوڪسفورڊ آهي. درجه بندي ڪندڙ اداري جي لسٽ موجب پاڪستان جي 7 يونيورسٽيزکي دنيا جي 1000 بهترين يونيورسٽيز جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهي ست ئي يونيورسٽيز ۾ صرف لاهور ۽ اسلام آباد جا تعليمي ادارا آهن. جڏهن ته پنجاب جي ٻين شهرن ۽ ٽنهي صوبن جوهڪ به تعليمي ادارو معياري تعليم جي ان فهرست ۾ شامل ناهي، جيڪو انهن صوبن جي تعليمي ادارن بابت وڏو سواليه نشان آهي ۽ انهن تعليمي ادارن جي انتظاميا جي منهن تي هڪ چماٽ پڻ آهي. پاڪستان جي 7 يونيورسٽيز مان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائڊ سانسز 397 نمبر تي آهي. جڏهن ته نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجي (نسٽ) 417 نمبر تي آهي. قائداعظم يونيورسٽي 551-560 واري بريڪيٽ، لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) 701-750 جي بريڪيٽ ۾، ڪامسيٽس انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن ٽيڪنالوجي 751-800 جي بريڪيٽ ۾ ۽ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالوجي (يو اي ٽي) 801-1000 جي بريڪيٽ ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو