دلور مائنر تي غيرقانوني واٽر ڪورس خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاج

ڄام نواز علي (ن س) جمڙائو ڪينال مان نڪرندڙ دلور مائينر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ غير قانوني واٽر ڪورس ٺاهڻ جي خلاف پڇڙي جي آبادگارن آپياشي عملدارن خلاف دلور شاخ تي نئون آباد /ڪنڊياري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي ته غلام نبي شر  چيوته آپياشي سرويئير علي گل ڪيرو، داروغو محمد خان خاصخيلي 20سالن کان شاخ تي مقرر هجڻ سبب اسان جو پاڻي هٿ وٺي بند ڪيو ويوآهي. هنن چيو ته هي عملدار پڇڙي جي حصي جو پاڻي  منڍ جي زميندارن کي وڪرو ڪن ٿا. رشوت عيوض منڍ جي زميندارن جا  واٽر ڪورس ٽوڙي سرڪاري ماپ کان وڌيڪ فريم لڳائي ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان وٽ زرعي فصل ته ٺهيو پر پيئڻ جي لاء پاڻي نٿو ملي. شاهو فقير خاصخيلي چيو ته حق گهرڻ تي ڄاڻايل آپياشي عملدارڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين. دلور مائينر تي واٽر ڪورس وڏو ڪرڻ تي سروئير علي گل ڪيريو ۽ پڇڙي جي آبادگارن ۾ سخت منهن ماري ٿي. جنهن بعد سروئير نئون آباد پوليس گهرائي آبادگارن کي گرفتار ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو