دعا منگي جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، مراد علي شاهه

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عادلپور پهچي پنهنجي ڪابينا جي ميمبر ڄام اڪرام الله ڌاريجو ، ڄام سيف الله ڌاريجو ، ڄام انعام الله خان ۽ ڄام ظفرالله خان ڌاريجو سان سندن والده جي وفات تي فاتحه ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي جو حتمي فيصلو پارلياماني ڪميٽي ڪندي. ان بابت آئين ۾ طريقيڪار به موجود آهي، پهريان به حڪومت غيرآئيني فيصلو ڪندي وزيراعظم جي سفارش تي اليڪشن ڪميشن جا 2 ميمبر مقرر ڪيا هئا جن کي چيف اليڪشن ڪمشنر حلف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيڪڏهن حڪومت آئين تي هلي ته ان جو حل نڪري ايندو. دُعا منگيءَ جي بازيابيءَ بابت سوال تي هن چيو ته پوليس ڪوششون وٺي رهي آهي، پهرين ترجيح آهي ته جاني نقصان نه ٿئي، جڏهن ته ٽيڪنالاجي وسيلي اغواڪارن جو پتو لڳايو پيو وڃي، ڪجهه اشارا مليا آهن ۽ پوليس پنهنجو ڪم ڪري پئي.

هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مهانگائيءَ بابت انهن کان پُڇيو وڃي جيڪي چون پيا ته 17 رُپيا ٽماٽر ۽ 5 رُپيا ڪلو مٽر آهن، اُهي ٻڌائين ته ڪٿي پيا ايترا سستا ٽماٽر وڪرو ٿين.  گهوٽڪي ۾ روينيو کاتي پاران آبادگارن کي کاتن جي تبديلي ۾ پريشان ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته روينيو جو صوبائي وزير به ساڻس گڏ آهي ۽ هو خاطري ڪرائي ٿو ته روينيو کاتي کي هدايت ڪئي ويندي ته عوام کي جائز ڪمن ۾ هرگز پريشان نه ڪيو وڃي ۽ کين رليف فراهم ڪيو وڃي. وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ اختلافن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آئين ۾ صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حڪومت جو ڪردار لکيل آهي، آئين ۾ لکيل آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي هر 90 ڏينهن اندر ٿيڻ ضروري آهي پر ان جي آخري گڏجاڻي 19 نومبر 2018 تي ٿي هئي، هڪ سال ۽ هڪ مهيني بعد 11 ڊسمبر 2019ع تي گهرائي وئي آهي، صوبي ۽ وفاق وچ ۾ لاڳاپن جو سڀ کان وڏو فورم سي سي آءِ آهي اُن جي گڏجاڻي ئي نه ٿيندي ۽ اميد ڪئي ويندي ته معاملا ٺيڪ ٿين اهو ممڪن ناهي، آئون چار پنج ڀيرا لکي چڪو آهيان ته گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي پر بدقسمتيءَ سان گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو اختيار چيئرمين يعني وزيراعظم جو اختيار آهي. ماڪڙ جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ سيد مرادعلي شاهه چيو ته وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت بجيٽ رليز ڪئي آهي پر پئسا ڊسمبر جي آخر تائين سندن هٿن ۾ ايندا تنهنڪري سنڌ حڪومت وفاقي کاتي کي پيسٽيسائيڊ دوائن ۽ تيل جي مد ۾ هڪ ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏني آهي، لاڳاپيل وفاقي وزير سان به سندس رابطو ٿيو جنهن باقي 2 جهاز به پهچائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته بياباني علائقن ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ وفاقي حڪومت ڪم ڪندي آهي جيڪڏهن ماڪڙ فصلي علائقن ۾ پهچي ٿي ته صوبائي سرڪار جي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ زراعت کاتي کي گاڏيون، دوائون ۽ اسپري مشين وٺي ڏنيون آهن ۽ زرعي آفيسرن کي ٽريننگ به ڏني ويئي آهي ۽ ڪوشش ڪندا سين ته ان تي ڪنٽرول ٿي وڃي، آخر ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ  گهوٽڪي پ پ  اڳواڻن سڪندر علي لاکو ۽ امتياز شاھ سان ڳالهه ٻولھه پڻ ڪئي جن بعد ۾ کيس سي آف پڻ ڪيو، واضع رهي ته سي ايم جي آمد کان روانگي تائين علائقي جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو