دبئي ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جي ڏهاڙي تي سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اَي اِي (ايس اَي يُو اَي اِي) پاران آچر 3 ڊسمبر 2023 جي شام جو دبئيءَ جَي ”پيڊ“ (پاڪستان ايسوسيئيشن) آڊيٽوريم ۾ سنڌي ثقافت جو عظيم الشان جشن ملهائڻ لاءِ هڪ ميگا ميوزيڪل شو منعقد ڪيو پيو وڃي. گڏيل عرب رياستن جي سنڌي ايسوسي ايشن جي عيوضي انجنيئر دانش حيدريءَ پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو آهي ته هن پروگرام ۾ سيف سميجي ۽ سندس بينڊ ”دي اسڪيچز“، فرزانه بهار، سلامت سهراب فقير ۽ ان جي سُنگَ سميت اڀرندڙَ فنڪارَ تجمل حسين شاهه، دلدار اوڍو، انو سولنگي ۽ شڪيلا نور پنهنجن سُرن جو جادو وکيريندا. جڏهن ته آصف پهوڙ (المعروف: گامُون)، اصغر کوسو ۽ حيدر قادري حاضرين جي چهرن تي مُرڪون وکيريندا. هن رنگ برنگي پروگرام جي ڪمپيئرنگ جا فرضَ سنڌ جي نامياري ڪمپئر، براڊڪاسٽر ۽ شاعر ياسر قاضيءَ سان گڏ بخشڻ مهراڻوي انجام ڏيندو. جڏهن ته ان موقعي تي ايڪتا جي عيد جو ڪيڪ به ڪٽيو ويندو. هن پروگرام جي سنئين سڌي ڪارروائي ”اليڪٽرانڪ ڊائريءَ“ جي ويب براڊڪاسٽ نيٽورڪ رستي سڄي دنيا ۾ نشر ڪئي ويندي ۽ هند سنڌ سميت سڄي دنيا جا سنڌي هي پروگرام سنئون سڌو ڏسي سگھندا. پروگرام جي آرگنائيزر وڌيڪ ٻڌايو ته هن ثقافتي عيد جي خوشين کي وڌائڻ لاءِ ٻارن ۾ سُوکڙيون ۽ رانديڪا پڻ ورهايا ويندا. جڏهن ته هن ميگا ميوزيڪل شو ۾ گڏيل عرب امارتن جي ستن رياستن سميت سنڌ مان ايندڙ فيمليز جي ڀرپور آجيان جو اهتمام ڪيو ويو آهي. هن پروگرام کي هند، سنڌ ۽ عرب امارتن جي مهمانن جي آمد سان ڪامياب بڻائڻ لاءِ محمّد حسن نوحاڻي، جاويد سيال، رزاق سيال، احمد سيلرو، فھد ٿيٻو، عامر چانڊيو، فھيم، علي اسد ۽ اعظم راڄڙ تي ٻڌل آرگنائيزنگ ڪميٽي پنهنجي ڏينهن رات محنت سان سنڌي ثقافت جي هن عالمي ميڙاڪي کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو