خيبر ڪمپائونڊ ۾ ڌماڪو، 4 اهلڪار شهيد، 2 بمبار مارجي ويا

خيبر (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي باڙه بازار ۾ تحصيل ڪمپائونڊ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب خيبر جي باڙه بازار ۾ پوليس اسٽيشن جي مين گيٽ وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد علائقي ۾ زبردست فائرنگ پڻ ڪئي وئي.دهشتگردن باڙه جي ٿاڻي، سي ٽي ڊي سيل ۽ سرڪاري آفيسن تي مشتمل تحصيل جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويا.باڙه بازار ۾ ڌماڪي کانپوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ امدادي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 3 پوليس اهلڪار زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو باڙه جي تحصيل ڪمپائونڊ جي مکيه دروازي تي تلاشي دوران ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب باڙه پوليس اسٽيشن، سرڪاري ۽ ٻيون اهم آفيسون ڪمپائونڊ اندر آهن جڏهن ته سي ٽي ڊي سيل به ٿاڻي جي اندر آهي…آءِ جي خيبرپختونخواهه اختر حيات موجب ڪمپائونڊ تي ٻن دهشتگردن حملو ڪيو.حملي آورن مان هڪ عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ٻئي پٺيان واري گيٽ ڏانهن آيو،اهلڪارن حملي آورن کي عمارت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو، جنهن دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي آپگهاتي حملي آور مارجي ويا.آءِ جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ حملي آورن جي عضون جا نمونا حاصل ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو