طفيل مگسي
ارڙھين صديء ۾ فرانس جي اندر نظرين واري جنگ جي شروعات ٿي ۽ اها نظرياتي ويڙھ ان دور جي عظيم ترين مفڪر والنٽيئر ۽ ٻين نظرياتي مفڪرن جي وچ ۾ ھئي.۽ مذھب جي پراڻن عقيدن ۽ٻسماجي روين کي چئلينج ڪيو ويو هو. سڀ کان وڏي ڳالھ اها آھي ته نون نظرين کي وڏي ڍنگ سان پيش ٿي ڪيو ويو .ليڪن ان قسم جي سياسي سوچ اڪثر ڪري صرف نظرين تائين محدود هئي.۽ ان دوران جهموريت جو تصور پکڙجي ويو ۽ امريڪا جي آزادي جي قرداد ۽ فرانس جي حقن جي آزادي جي قرداد جي خوبصورت لفظن ۽ جملن ماڻھن کي ٻڏتر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.لکين جي انگ ۾ استحصال جي ماريلن بيوس و مجبور ماڻھن جي لاء اھو هڪ ڇوٽڪاري جو ڄڻ ته پيغام هو.ٻئي قراردادون آزادي .برابري ۽ سمورن ماڻھن جي لاء خوشي ۽ آسودگي جي حق ۾ ڳاهيون ڪنديون هيون.
يورپ ۽ سڄي دنيا ۾ عيسائيت سميت سمورن مذھبن جو پراڻو عقيدو هو ته گناه ۽ ڏک حقيقي طور تي ماڻھن جي قسمت ۾ لکيا ويا آھن.مذھب دنيا ۾ غربت ۽ بدحالي کي هڪ مستقل بلڪ احترام.جو مصام ڏيڻ ٿي چاهيو هو.وعدا ۽ اجرت ٻئي آخرت سان لاڳاپيل هئا.مذھب دنيا ۾ غربت ۽ بدحالي کي هڪ مستقل بلڪ احترام ڏيڻ چاهيندو هو.دنيا ۾ صڀر ۽ شڪر سان گڏ سمورن تڪليفن ۽ محرومين کي برداشت ڪرڻ جو سبق ڏنو ويندو هو.خيرات جي حوصله افزائي ڪئي ويندي هئي.غريبن ۾ بچيل سچيل ورهائڻ کي نيڪي ٿي تصور ڪيو ويو.ليڪن غربت جي خاتمي جي لاء ڪڏھن به ڪنهن نه سوچيو هو.آزادي ۽ برابري جا تصور چرچ ۽ معاشري جي حاڪميت جي خلاف سمجيا ويندا هئا. جهموري نظريي جي ارتقا جو ظاھري نتيجو اهو نڪتو ته هر ماڻھو کي اسيمبلي يا پارليامينٽ جي ميمبرن چونڊڻ جو حق يعني ووٽ ڏيڻ جو اختيار ملي وڃي ٿو ته ان ريت هرهڪ سياسي قوت اقتدار ۾ ڀائيوار بڻجي سگهي ٿي.ڀقول لنڪن ووٽ جي طاقت بندوق جي گولي کان وڌيڪ آھي.اسان جي حڪمرانن جي طرف کان ووٽ جي بيحرمتيء پاڪستان ۾ مذھبي انتها پسندي ۾ ٻارڻ جو ڪم ڪيو. ظاھر آھي ته جڏھن اوهان ماڻھن جا مسئلا حل نه ڪندو ته پوء ماڻھو مايوس ٿي ڪري ٻيئي پاسي ڏسڻ تي مجبور ٿيندا.ٻيئي پاسي جڏھن مذھبي جماعتن کي هن ڳالھ جو يقين ٿي ويو ته اهي ڪڏھن به ووٽ جي طاقت جي وسيلي اقتدار ۾ نٿيون اچي سگهن ته پوء ھنن ماڻھن کان مايوس ٿي ڪري ٻيو رستو اختيار ڪري ورتو ۽ اھائي راند شروع ڪيائون.جيڪا ڪليسا ارڙھين صدي ۾ يورپ ۾ کيڏي هئي.
اڄ پاڪستان ۾ چٽي نموني ٻه سوچون ۽ مختلف نظريا الڳ الڳ پاسي ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آھن.هڪ سوچ اها آھي ته جيڪا اسان کي واپس ارڙھين صدي ء ۾ وٺي وڃڻ چاهي ٿي ۽ ٻئي اها آھي ته هنهن جي منزل اها خوشحالي.ترقي ۽ استحڪام آھي.جيڪو وڏي جدوجهد کانپوء يورپ.امريڪا ۽ ٻين ملڪن حاصل ڪيو.جتي انسان آزاد آھي.خوشحال آھي.اسان جو ڇوٽڪارو.خوشحالي ۽ ترقي جو دارومدار پاڻ اسان جي سوچ.ڪوشش ۽ جدوجهد تي هوندو آھي. اهو اسان تي آھي ته اسان آيا واپس ماضي ڏانهن سفر ڪرڻ چاهيون ٿا يا اڳتي ڏانهن سفر ڪرڻ چاهيون ٿا.ڇاڪاڻ ته اصل سلسلو ئي سوچ جو ۽ نظريي جو آھي.اونداهي جي سوچ ۽ نظريي وارا اسان سڀني تي ڏاڍ واري صورت ۾ پنهنجي سوچ ۽ نظريو مڙھڻ چاهين ٿا. ۽ اهي ان سلسلي ۾ تشدد ۽ هر هٿڪنڊي کي جائز سمجهن ٿا.اهي خوشحالي جو وعدو ڪري اسان جي زندگي کي دوزخ بنائڻ چاهين ٿا.فيصلو پاڻ اسان کي ڪرڻو آھي ته جيتوڻيڪ اسان واپس ارڙھين صديء ۾ وڃڻ چاهيون ٿا يا پنهنجي ملڪ کي ئي جنت بنائڻ چاهيون ٿا. نپولين بل چئي ٿو ته انسان جيڪي ڪجه سوچي سگهي ٿو .ذھن اهوئي ڪجه حاصل ڪري سگهي ٿو.هڪ نوجوان سقراط کان پڇيو ته“ڪاميابي جو راز ڇا آھي؟“سقراط هن کي چيو.“مون سان سڀاڻي صبح جو دريا جي ڪناري اچي ملجائن“ٻئي صبح سندن جي ملاقات ٿي ته سقراط ڇيو.“اٿ مون سان گڏ دريا ڏانهن هل .اهي هلندا هلندا دريا ۾ لهي ويا.مگر اڳتي وڌندا رهيا.جڏھن پاڻي ڳچيء تائين پهتو ته سقراط نوجوان.کي وٺي ڪري کيس کي پاڻي ۾ ٽٻي ڏياري.نوجوان هن جي هٿن کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ليڪن سقراط هن کان وڌيڪ طاقتور هو.ان ڪري نوجوان ڪامياب نه ٿيو.سقراط هن کي پاڻي ۾ ٻوڙي رکيو.جڏھن نوجوان جي طاقت ڪمزور ٿي وئي ته سقراط هن کي پاڻي کان ڪڍي ورتو.نوجوان منڍي ڪڍندي ئي وات پٽي ڪري ڊگهو ساه کنيو.سقراط نوجوان کان پچيو ته “جڏھن تون پاڻي جي هيٺ ھڻين ته توکي سڀ کان وڌيڪ ڪنهن شيء جي خواهش ھئي؟“نوجوان وراڻيو“هواء“جي.سقراط چيو“اهوئي ڪاميابي جو راز آھي.جڏھن توهان به ڪاميابي جي ان ريت شديد خواھش ڪريو ٿا ته جهڙي ريت پاڻي ۾َٻڏل نوجوان هواء جي خواهش ڪئي هئي.تڏھن اوهان ڪامياب ٿي وڃو ٿا.
جهڙي ريت ٿورڙي باه وڌيڪ گرمي نٿي ڏئي سگهي.ساڳئي ريت ڪمزور خواهش عظيم نتيجن کي جنم نٿي ڏئي سگهي.خوشحالي.ترقي ۽ ڪاميابي به اسان جن سوچين ۽ فيصلن جو نتيجو هوندي آھي.ڪاميابي اتفاق سان ناهي ملندي بلڪ اها اسان جي روين جو نتيجو هوندي آھي.ان ڪري خدارا ماضي جي مزارن کان نڪري ڪري مستقبل جي حقيقتن ڏانهن ڏسو.انسان جون اکيون سندس جي مٿي جي اڳئينحصي ۾ ھونديون آھن.ڇئين حصي ۾ نه.جيتوڻيڪ فطرت اهو چاهي ٿي ته اسان پوئتي نه ڏسون بلڪ اڳتي ڏسون. اسان پراڻي زماني جي رجعتي ۽ دقيانوسي روايتن کان اڳتي نڪري چڪا آھيون.هينئر نيون سرزمينون آھن.نوان ماڻھو آھن.۽ نوان فڪر آھن.ته پوء اچو ته اسان ارڙھين صديء جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪيون.اسان نئين دنيائن کي ڏسون ۽ نيون روايتون جوڙيون.ٻين جو پٺو ۽ چمچن بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيون ۽ ان جي جاء تي پنهنجي الڳ دنيا ٺاهيون. يادرکو هڪ شخص جي نجي زندگي کي تاريخ جي ڪنهن سلطنت کان وڌيڪ بلند مرتبو ۽ ناليوارو بڻائي سگهجي ٿو.اوهان جيڪي ڪجه به آھيو.اهو ڄاڻي ڇڏيو ته هن سموري دنيا جو وجود اوهان جي لاء آھي.اچو ته نفرت.تعصب ۽ غلامي جا پردا تار تار ڪري ڇڏيون.پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ.ٻين کان الڳ ٿلڳ ٿي ڪري نه بلڪ ٻين سان گڏجي ڪري جيڪي ڪجه آدم.وٽ ھو ۽ جيڪي ڪجه سيزر ڪري ٿي سگهيو هو.اهو اوهان وٽ به آھي.۽ اوهان به اهوئي سڀ ڪجه ڪري سگهو ٿا.ذھن جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيو.پنهنجن ذھنن کي آزاد ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو.ان انسان جي طور تي جيڪي اوهان بڻجي سگهو ٿا.جيڪو اوهان جو مقدر آھي.انسان وٽ امڪانن جي ڪا کوٽ ناهي.انهن جي ڪا حد ناهي.پوء اوهان پاڻ ئي ڇو بيوسي کي ڇاتي لائي رکيو آھي.پنهنجن امڪانن کي ڇو زنجيرن ۾ ٻڌي رکيو آھي.اهي بي معني زنجيرون آھن.اوهان جڏھن چاهيو انهن کي ٽوڙي سگهو ٿا.هي زندگي اوهان جي آھي.۽ پنهنجي باري ۾ اوهان کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آھي يا مٺ جيترن فردن کي ؛ اچو ته مٺ جيترن فردن جي خلاف اٿي بيهي پئون ۽ انهن کي ٻڌائي ڇڏيون ته اسان جي زندگي جو فيصلو اوهان کي نه بلڪ اسان پاڻ ڪنداسين.پوء ڏسو ته خوشحالي.ترقي ۽ آزادي اوهان جو ڪهڙي ريت ولولي واري انداز ۾ انتظار ڪري ٿي ..
