خبردار! هاڻ ڪنهن سان به نيٽ فلڪس پاسورڊ شيئر نه ڪيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن اوهان اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس جي اڪائونٽ جو پاسورڊ دوستن يا مائٽن سان شيئر ڪندا آهيو ته بري خبر اها آهي ته ان جي خلاف ڪمپني سڄي دنيا ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.نيٽ فلڪس طرفان فيبروري 2023ع ۾ ڪينيڊا، نيوزيلينڊ، پرتگال ۽ اسپين ۾ پاس ورڊ شيئر ڪندڙ واهپيدارن جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي هئي.هاڻ آمريڪا سوڌو 100 کان وڌيڪ ملڪن پاسورڊ شيئر ڪندڙ واهپيدارن کان ڪمپني واڌو فيس وصول ڪندي.ان لاءِ ڪمپني طرفان 103 ملڪن ۽ خطن جي واهپيدارن کي نوٽيفڪيشن ذريعي تنبيهه ڪئي ويندي ته هو پنهنجي اڪائونٽ جو گھر کان ٻاهر جي ماڻهن سان مفت شيئر نه ڪيو.ان نوٽيفڪيسن ۾ چيو ويندو ته هڪ نيٽ فلڪس اڪائونٽ کي رڳو هڪ ئي گھر ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ واهپيدار واڌو فيس ادا ڪري گھر کان ٻاهر ڪنهن به فرد کي پنهنجي اڪائونٽ تائين پهچ ڏئي سگھن ٿا.هر ملڪ ۾ فيس ڌار هوندي، آمريڪا ۾ 8 ڊالر ماهوار واڌ فيس جي طور تي ورتي ويندي.واضح رهي ته پاسورڊ شيئرنگ جي خلاف قدمن جي آزمائش گذريل سال کان لاطيني آمريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو