اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته هڪ سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ بدامني پکيڙي فيض حميد انهي سازش ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته نوازشريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ن) هميشه عوام جي خدمت ڪئي، هن ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي، پهريان موٽروي تعمير ڪرايو ملڪ ۾ موٽر وي جو ڄار وڇايو. سرمائيڪارن کي سهولتون ڏنيون ۽ هاڻ انهن جي اڳواڻي ۾ پنجاب حڪومت بجلي صارفين کي سهولتون فراهم ڪيون جيڪو بهترين قدم آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ صارفين کي بجلي جي مد ۾ وڏو رليف ڏنو، حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، وفاقي حڪومت بجلي صارفين لاءِ 50 ارب روپيه مقرر ڪيا آهن. پنجاب حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. فوج ۾ گرفتارين جي معاملي تي هن چيو ته پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو پنهنجو ميڪنزم آهي، هڪ سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ انتشار ۽ ورهاست جي سياست کي مٿي ڪيو، هن ملڪ ۾ بدامني پکيڙي ۽ ملڪي سالميت جي خلاف سازشون ڪيون، جنرل(ر) فيض حميد انهن جي سازش ۾ شامل هو. اطلاعات واري وزير چيو ته دهشتگردن کي واپس ڪنهن آندو هو؟ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين چيو ته طالبان کي واپس آڻڻ گهرجي، فوج پنهنجي معاملن جي شفاف جاچ ڪري رهي آهي اهي سمورا ماڻهو پي ٽي آءِ باني سان گڏ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ شامل هئا. پي ٽي آءِ باني چيئرمين ڳٺ جوڙ جي سياست ڪئي، ملڪ جي امن کي نقصان پهچائيندڙن جو اهوئي انجام ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته رائٽ سائزنگ ۽ ڊائون سائزنگ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف تجويزون طلب ڪيون آهن.
بس اڏن جي شهر کان ٻاهر منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو
وڏي وزير طرفان شاهد رسول کي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد
ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڦر جي ڪوشش ناڪام، 2 ڄڻا مارجي ويا
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسي لاءِ سڄو سامان ڪي پي مان آڻڻ جو فيصلو
نيب ترميمن جي بحالي بعد 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت جي گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان راجا جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت جون اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار