خان جي ڌانڌلي خلاف درخواست داخل،ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.عمران خان جي طرفان ايڊووڪيٽ حامد خان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جي غيرجانبدار حاضر سروس ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته جڊيشل ڪميشن عام چونڊن ۽ ان جي نتيجن جي غير جانبدارانه جاچ ڪري.عمران خان طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي ته عدالتي ڪميشن جي رپورٽ اچڻ تائين وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جا قدم معطل ڪيا وڃن ۽ عدالتي ڪميشن جي رپورٽ کي عام ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو