خانپور جي مغوين جي بازيابي لاءِ غوثپور ۾ ڇاپو 3 گرفتار

غوثپور(ن س) شڪارپور جي خانپور تعلقي مان مڇي جي تلاءَ تان اغوا ٿيل ٽن ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڊي ايس پي خانپور جي اڳواڻي ۾ غوثپور شهر جي موچي پاڙي ۾ ڇاپو هڻي ميراڻي برادري جي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. غلام حسين ميراڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري  چوديواري جو پئمال ڪري سندن گهر ۾ ڀنڄ ڊاھ ڪري غوثپور ٿاڻي جي پوليس اهلڪار مجيد ميراڻي ,غلام حسين ,غلام حيدر ۽ عاقب ميراڻي کي کنڀي کڻي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ڪجھ ڪلاڪن بعد پوليس اهلڪار مجيد ميراڻي کي آزاد ڪري باقي ٽن ڄڻن کي اڻڄاتل هند منتقل ڪري ڇڏيو. آزاد ڪيل پوليس اهلڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خانپور پوليس جو چوڻ  آهي ته ٽي ڏينهن اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ثناء الله ,اقبال ۽ عمران ميراڻي اغوا ٿي ويا آهن اوهان ڏوهارين کان آزاد ڪرائي ڏيو. متاثر ميراڻي برادري جي ماڻهن ٻڌايو ته اسين شريف ماڻهو آهيون شڪارپور پوليس ناجائزي ڪري اسان جا ماڻهو گم ڪري اسان سان ڏاڍ ڪيو آهي  انهن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪري واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو