حڪومت فيصلي کان مريم نواز کي آگاهه ڪري، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي کان کيس آگاگه ڪري. جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس انوارالحق پنون سومر تي ٻڌڻي ڪئي. مريم جي وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته 9 ڊسمبر تي عدالت حڪومت کي هڪ هفتي اندر فيصلي لاءِ چيو هو جنهن کي 2 هفتا گذري ويا آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هن اخبار ۾ پڙهيو آهي ته ڪابينا ڪميٽي اڱاري تي رٿيل ڪابينا جي اجلاس کي آگاهه ڪندي. ياد رهي ته ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي حوالي سان گذريل ڏينهن ميڊيا ۾ ذريعن جي حوالي سان خبرون هليون هيون ته مريم نواز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪميٽي پنهنجون سفارسون تيار ڪري ورتيون آهي جيڪي جلد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. ڪميٽي جو موقف آهي ته مريم نواز خلاف ٽرائل هلندڙ آهي ۽ سندس خلاف نيب ۾ جاچ به هلي رهي آهي ان ڪري سندس نالو هن اسٽيج تي خارج نٿو ڪري سگهجي. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته نيب سندس نالو خارج ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ياد رهي ته هن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي جنهن تي عدالت حڪومت ڏانهن معاملو ريفر ڪندي هڪ هفتي ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو هو. جنهن بعد قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا جي سب ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ نيب ۽ مريم جي وڪيل کي به گهرائي سندن موقف ٻڌو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو