حڪومت مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو آهي، جتوئي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) اين پي پي سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ملڪ ۾ وڌندڙ منھنگائي ۽ پيٽرول تيل جي اگھن جي واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آھي تہ حڪومت عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگھي آھي، اھڙو اظھار ھن پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ ھڪ طرف مھانگائي عروج تي آھي تہ ٻئي طرف پيٽرول، تيل، گيھ اٽي سميت کاڌ خوراڪ جي روز مره جي شين سان گڏو گڏ دوائن جون قيمتون بار بار وڌڻ ڪري عوام سخت پريشان ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنھن ڪري عوام ٻہ ويلا ماني کائڻ لاءِ بہ سخت پريشان آهي، ھن چيو ته اسان ھميشه عوام جي سھولت جي ڳالھ ڪئي آھي ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ حڪومت کي گھرجي تہ عوام جي سھولت خاطر نوٽيس وٺي تيل جي اگھن، روز مره جي کاڌ خوراڪ جي شين ۽ دوائن جي اگھن کي گھٽائڻ سان گڏوگڏ مھانگائي کي گھٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي ۽ عوام کي مشڪلاتن مان نجات ڏياري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو