حڪومت سان نه پر فوج سان ڳالهيون ڪنداسين، آفريدي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون نه ڪنداسين، آرمي چيف يا ڊي جي آءِ ايس آءِ تمام جلد ڳالهيون شروع ٿينديون. جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن وٽ ڪوڙو مينڊيٽ آهي ان ڪري ساڻن ڳالهه ٻولهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هنن وٽ ڪو به اختيار ناهي. ٻئي پاسي سنڌ مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل سينيٽر فيصل واوڊا جيو جي ئي پروگرام ۾ شاهزيب خانزادا جي شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا نٿا چاهين ته عمران خان ٻاهر اچي، ڇو ته سڀني جا مزا لڳا پيا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته بشرا بيبي جڏهن ڏٺو ته کاڌي ۾ هارپيڪ جا قطرا وڌا ويا ته هن اهو کاڌو ڇو کاڌو؟. هن چيو ته فوج جو سياسي جماعتن سان ڊيل ڪرڻ جو ڪم ناهي. هن چيو ته مونکي ڊيل يا ڍيل نظر نٿي اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو