پي پي ۽ ن ليگ ۾ سياسي استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ)حڪومت سازي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سان مسلم ليگ (ن) جو پهريون باضابطه رابطو، مسلم ليگ (ن )جو صدر ميان شهباز شريف حڪومت سازي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کان سهڪار وٺڻ لاءِ بلاول هائوس لاهور پهچي ويو. پ پ جي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان شهباز شريف وچ ۾ حڪومت سازي تي ڳالهيون ڪيون ويون. مسلم ليگ (ن) جي وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شازا فاطمه شامل آهن. حڪومت سازي ۾ تعاون بابت توهان جي تجويز تي سڀاڻي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ غور بعد جواب ڏينداسين. ٻنهي ڌرين چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو خاتمو آڻينداسين ۽ معاشي بهتري لاءِ هڪٻئي سان تعاون ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو