حيدرآباد ۽ سکر ۾ پٿم جا ڪيمپس قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ثقافت ۽ تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف هوٽل اينڊ ٽورزم مينجمينٽ (پٿم) مان گريجوئيشن ٿيڻ وارن شيفس ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ پنهنجون صلاحتين سان سان پاڻ مڃرائي رهيا آهن، نوجوان جي رجحان ۽ مارڪيٽ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي پٿم جا ڪئمپس حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ کوليا ويندا. اها ڳالهه هن جمعرات ڏينهن پٿم ڪراچي ۾ ترڪ جي رابطن ۽ سهڪار واري ايجنسي (ٽيڪا) جي تعاون سان CULINARY TRAINING PROGRAM FOR TURKISH CUISINE جي پڄاڻي تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ترڪيا جي قونصل جنرل جمال سانگهو، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ عبدالعليم لاشاري، پٿم جي ڊائريڪٽر هدايت الله راڄڙ، ٽيڪا ڪراچي جي ڪوآرڊينيٽر خليل ابراهيم بشاران، پٿم المنائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد سراد علي شاهه تقريب کي خطاب جي دوران چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي ڪائي حد ناهي هاڻي اسان ان ۾ فوڊ ڊپلوميسي کي پڻ شامل ڪري ورتو آهي، ترڪيه زلزي ۾ خاندان جي ماڻهن کي وڃائڻ جي باوجود ترڪ ٽرينرز پٿم ۾ تربيت جو سلسلو جاري رکيو جنهن تي هو جس لھن، سيد سردار علي شاهه چيو ته مارڪيٽ جي ضرورت ۽ نوجوانن جي سکڻ لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پٿم جا حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪئمپس کوليا وڃن. ان موقعي تي ترڪيه جي قونصل جنرل جمال سانگهو چيو ته اسان پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ پاڪستان جي باري ۾ ٻڌائيندا آهيون، اسان جي لاڳاپن جو رشتو ننڍ پڻ کان ئي سڃاتو وڃي ٿو، پٿم TURKISH CUISINE (ترڪ ذائقن) جي ٽريننگ ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو اختيار ڪرڻ وارن شيفس کي وڌيڪ تربيت لاءِ ترڪيه موڪلڻ ۾ سهڪار ڪيو ويندو. تقريب کي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه دلين کان علاوه پنهنجي کاڌن جي ذائقن سان به پاڻ کي جوڙي ڪري رکيو آهي، پٿم کان تربيت حاصل ڪرڻ وارا پوري دنيا ۾ هن اداري جو نالو روشن ڪري رهيا آهن ان موقعي تي ٽيڪا ڪراچي جي ڪوآرڊينيٽر خليل ابراهيم بشاران، ڊائريڪٽر پٿم هدايت الله راڄڙ پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه ۽ ترڪيه جي قونصل جنرل جمال سانگهو تربيت مڪمل ڪرڻ وارن شيفس ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو