حيدرآباد، ڪنري واسي عورت 6 ٻارڙن کي جنم ڏنو: 5 فوت

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي اسپتال ۾ ڪنري واسي عورت هڪ ئي وقت 6 ٻارڙن کي جنم ڏنو، 5 فوت ٿي ويا ڪي ڪي ايف اسپتال ۾ ڪنري جي رهواسڻ عورت ريکا زال لڇمڻ مالهي نالي عورت 3 نياڻين ۽ 3 پٽن کي جنم ڏنو رات جو سندس 2 ٻار فوت ٿي ويا جڏهن ته اڄ صبح ٽن ٻارڙن ڏم ڏئي ڇڏيو اسپتال انتظاميا موجب رات دير سان عورت جي ڊليوري ٿي جنهن ۾ هن 6 ٻارن کي جنم ڏنو رات کان صبح تائين 3 پٽ ۽ 2 نياڻيون ڪمزوري سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته رڳو هڪ نياڻي زندهه آهي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت جي صحت بهتر آهي پر نياڻي به ڪمزور آهي جنهن جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عورت جو تعلق ڪنري جي علائقي ٻسٽاڻ سان آهي

پهنجو تبصرو موڪليو