حب ۾ ڪوچ سان حادثو، 09 مسافر فوت ۽ 11 زخمي

حب (ڊيسڪ نيوز) بلوچستان جي ضلعي حب مسافر ڪوچ تيزرفتاريءَ سبب ڪلٽي ٿي کڏ ۾ ڪرڻ سبب 09 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن. مسافر ڪوچ پِسنيءَ کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ وٽ ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي خبر ملندي ئي مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي ويا جن پاڪستان ڪوسٽ گارڊ، ليويز ۽ ايڌي رضاڪارن سان گڏجي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو