حافظ حمد الله غير ملڪي آهي ٽي وي تي کيس نه گهرايو، پيمرا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ميڊيا کي ريگوليٽ ڪندڙ اداري پيمرا سمورن ٽي وي چينلز کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته جميعت علما اسلام جو اڳواڻ حافظ حمدالله صبور غير ملڪي آهي کيس ٽي وي تي گهرائي هن جي تشهير نه ڪريو. خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سينيٽر حافظ حمدالله جو شناختي ڪارڊ نادرا رد ڪندي ضبط ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي فيصلي سيڪورٽي ادارن بابت وڏو سوال پيدا ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو غير ملڪي هو ته سينيٽر ڪيئن ٿيو؟.

حافظ حمدالله پنهنجي شعله بياني ۽ جارحاڻي موقف سبب مشهور آهي ۽ اڪثر ٽي وي چينلز تي اينڪرز ۽ مخالف سوچ وارن مهمانن سان وڙهي پوندو آهي. هو ملانا فضل الرحمان جو شيدائي آهي سندس شهريت رد ٿيڻ جو فيصلو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن مولانا جي آزادي مارچ ۾ چند ڏينهن بچا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو